ڊاڪٽر بلوچ هڪ مطالعو

ڊاڪٽر بلوچ هڪ مطالعو

ڊاڪٽر بلوچ هڪ مطالعو

ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو (ڪتاب): هي ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جي مشهور عالم، مؤرخ ۽ نقاد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي عملي زندگيءَ، خدمتن، تصنيف، تاليف ۽ تحقيق بابت مختصر جائزي تي مشتمل آهي، جنهن جو مصنف ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي سوانح، تعليم، زندگيءَ ۽ ٻوليءَ بابت خدمتن، تحقيقي ڪم، لغت جي سهيڙ بابت ڪاوشن، جهر جهنگ جهاڳي لوڪ ادب جمع ڪرڻ، راڳ، موسيقيءَ ۽ ثقافت جي موضوعن تي سندس تحقيق ۽ عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس ڪيل ڪم تي سرسري روشني وڌي وئي آهي. هي ڪتاب جوڻيجي صاحب، ڊاڪٽر بلوچ جي حياتيءَ ۾ ئي لکيو هو. موجوده وقت ۾ ٻئي عالم اسان جي وچ ۾ نه رهيا آهن. هن ڪتاب جا چوڏهن باب آهن. ڊيمي سائيز جي 163 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پهريون ڀيرو لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين مان 1998ع مان ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو